احمد رضا بروهي

امجد رضا بروهي: امجد بروهي 23 مارچ 1963ع تي سيوهڻ تعلقي جي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ تائين تعليم بوبڪ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي والد شير محمد بروهي جي سرڪاري ملازمت سبب ڄامشوري ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ 1983ع کان روزاني آفتاب اخبار ۾ حيدرآباد سٽي رپورٽر ڪم ڪرڻ سان صحافت ۾ پير پاتو ۽ 1992ع کان هفتيوار اخباررفتارجاري ڪئي، جيڪا هن وقت ضلعي جي مشهور اخبار آهي. ٻن ٽن سالن اندر ماهوار رسالو نئون دور پڻ جاري ڪيو. امجد رضا بروهي ڄامشوري ۽ دادو ضلعي جي سياست جو بهترين تجزيه نگار پڻ آهي، جنهن کي ٻنهي ضلعن جي آبادي ۽ انهن جي سياسي لاڳاپن وغيره جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، عام چونڊن توڙي مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا گهڻي ڀاڱي اهڙا ٿيندا آهن، جهڙا هو تجزيا ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.03.23  عيسوي

امجد رضا بروهي: امجد بروهي 23 مارچ 1963ع تي سيوهڻ تعلقي جي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن باجه
آلو فقير
تورپيو مسڻ
رميش چوڌري
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر
آمنه حامد زبيدي
شاهه محمد نابينا
حبيب حضوري
پنڊت ديودت شرما
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون